19 ہفتہ , جنوری 2019

گورک هل بابت جاچ نيب حوالي، رفيق جمالي طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ نيب کي گورک هل اسٽيشن جي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين خرچن جي جاچ هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت ۾گورک هل واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب آگاهه ڪيو ته گورک ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ٻين خرچن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي سميت 2008ع کان مقرر سمورن ڊي جيز کي به طلب ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا رفيق جمالي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، نيب آفيسر جواب ڏنو ته رفيق جمالي کي طلب ڪيو ويو پر هو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو،نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته هڪ مهيني جي مهلت گهرجي، سموري جاچ مڪمل ڪنداسين. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ڪرپشن جي حوالي سان مختلف انڪوائرين ۽ جوابدارن جي ضمانت  جي ڪيسن ۾ چيف جسٽس سنڌ  رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب خلاف ته پاڻ جاچ جي ضرورت آهي، ٻه ٻه سال انڪوائريون ڪرڻ سان ڪجهه نه ملندو آهي، جيڪڏهن اها ئي ڪارڪردگي آهي ته ڊي جي نيب کي طلب ڪيون ٿا.ٻڌڻي دوران  عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ تي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ نيب اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته نيب نامعلوم شڪايتن تي ماڻهن جا پٽڪا لاهي رهي آهي، نيب جي جاچ آفيسرن کي بنيادي قانون بابت خبر ناهي کين 6 مهينن لاءِ جيل موڪلينداسين ته سموري قانون جي خبر پئجي ويندي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے