19 ہفتہ , جنوری 2019

گم ڪيل 70 کان وڌيڪ ماڻهو بازياب نه ڪرائڻ تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ 70 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران گهروکاتي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ حساس ادارن، جيلن ۽ ٻين ادارن کي خط لکيا وڃن. عدالت گهرو کاتي، ايف آءِ اي، ڊي جي رينجرز سميت ٻين کان 13فيبروري تائين رپورٽ گهري ورتي آهي. درخواست گذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته پوليس سميت ٻيا ادارا صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪري رهيا آهن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته ذميوارن جو جيستائين تعين نٿو ٿئي ان وقت تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے