19 ہفتہ , جنوری 2019

ڀارتي آرمي چيف ايل او سي تي جاسوسي جو اعتراف ڪري ورتو

نئين دهلي (م ڊ ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته پاڪستاني حدن ۾ ايل او سي تي ڪواڊ ڪاپٽرز جاسوسي لاءِ موڪليا ويندا آهن. پريس بريفنگ ۾ ايل او سي تي پاڪستاني حدن ۾ ڀارت جي جاسوسي جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان جي شهري آبادي لائن آف ڪنٽرول جي ڀرسان آهي. ڀارتي آرمي چيف اهو به تسليم ڪيو ته ڀارت طرفان ايل او سي تي فائرنگ ڪئي ويندي آهي. طالبان سان ڳالهين جي حمايت ڪندڙ بپن راوت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي چيو ته هر جاءِ لاءِ الڳ پاليسي هوندي آهي، هڪ ئي پاليسي نٿي هلائي سگهجي، تنهن ڪري طالبان سان ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر ڪشمير ۾ ڳالهيون رڳو اسان جي شرطن تي ٿينديون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ڀارت جا مفاد آهن ته ٻين ملڪن جيان ڀارت کي به طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اسان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن ڳالهين جو حصو بڻجڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے