19 ہفتہ , جنوری 2019

مخالف ڌر اڳواڻ پيش ٿئي ٿو ته وزيراعظم کي به ڇوٽ ناهي:نيب چيئرمين

لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ نيب جي ڪارروائي سان منهن ڏئي سگھي ٿو ته وزيراعظم کي ڪا به ڇوٽ نه آهي جو هو نيب جي ڪارروائي کي منهن نه ڏئي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان وزيراعظم تي نيب ڪيس کي ان جي توهين قرار ڏيڻ تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو. نيب چيئرمين چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ نيب جي ڪارروائي سان منهن ڏئي سگھي ٿو ته وزيراعظم کي ڪا به ڇوٽ نه آهي جو هو نيب جي ڪارروائي سان منهن نه ڏئي، اها وزيراعظم جي توهين نه پر ان جي عزت ۾ واڌ ٿي آهي، سندس قد ڪاٺ ۾ واڌارو ٿيو آهي، اهو عملي قدم آهي ته پاڪستان مان بدعنواني جو خاتمو ڪنداسين، ان سان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني آهي، وزيراعظم جو نعرو هيو ته هو پاڪستان مان بدعنواني جو خاتمو ڪندو. هن چيو عالمي تاثر آهي ته پاڪستان ۾ بدعنواني جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن، قانون جي حڪمراني آڻڻ تي چيف جسٽس ۽ سڀني ججن کي خراج پيش ڪيون ٿا، اين آر او ڪو به ڏئي ڪنهن کي به ڏئي نيب ان جو حصو ناهي، اسان لاءِ پاڪستان جا مفاد اهم آهن، انهن جو تحفظ ڪرڻو آهي، سياستدان مخالف ڌر جو آهي يا اقتداري، اسان لاءِ احترام رکي ٿو، اسان لاءِ سڀ برابر آهن ۽ اسان ڪنهن کي به ترجيح ناهي ڏني. هن چيو ته اپوزيشن نيب کي گھٽ ۾ گھٽ منشا بم ته نه چوي، نيب ڪڏهن منشا بم هيو نه هوندو، نيب هائڊروجن يا نائيٽروجن بم ضرور آهي، جيڪو بدعنواني جي خاتمي لاءِ آيو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے