19 ہفتہ , جنوری 2019

بلاول ۽ وڏي وزير جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو فيصلو، ڦر لُٽ ۾ شامل آهن:وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا 20 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت گھرو وزير جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارشن تي 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا هئا، قانون واري وزارت ٻڌايو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت سپريم ڪورٽ طرفان تفصيلي فيصلو ناهي مليو، اسان کي جيئن ئي فيصلو مليو ته ان موجب معاملا ڏسنداسين. هن ٻڌايو ته هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اي سي ايل ۾ شامل نالن جو جائزو وٺندي، ڪميٽي مملڪتي وزير گھرو شهريار آفريدي، قانون واري وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ گھرو سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي، جيڪا پنهنجون سفارشون ڪابينا کي موڪليندي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪابينا فيصلو ڪندي ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گھرجي يا نه وڃڻ گھرجي، حڪومت طرفان جيڪي پاليسيون لاڳو ڪيون ويون هيون، انهن جا فائدا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن تي ڪابينا اطمينان جو اظهار ڪيو. فواد چوڌري چيو ته ايڪسپورٽ ۾ واڌ  شروعات کان ئي حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل رهي آهي ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ ايڪسپورٽ ۾ 4.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته امپورٽ ۾ 8.5 سيڪڙو گھٽتائي به ٿي آهي، ملڪ جي واپاري خساري ۾ هڪ مهيني دوران 54 ڪروڙ اندازن 19 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان قانون واري وزارت کي هدايت جاري ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت اهڙين ملازمتن بابت آگاهه ڪيو وڃي، جيڪي بنا ڪنهن قانوني رنڊڪ جي ڪري سگھجن ٿيون ته جيئن کين پاڪستان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان هن وقت وزيراعظم هائوس ۾ نٿو رهي، پوءِ به ان جي بجلي جو بل ايترو ئي اچي رهيو آهي، جيڪو نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ايندو هو، جنهن سبب وزيراعظم ان معاملي تي انٽرنل آڊٽ جو حڪم ڏنو آهي. اهي نقصان ۾ ئي آهن، جڏهن ته پاڻ کي گئس جو آئنسٽائن سمجهندڙ شاهد خاقان عباسي گيس سيڪٽر کي اربين رپين جو قرضي ڇڏيو، وزيراعظم پيٽروليم واري وزارت کي گئس جي گڏيل پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڇو جو ملڪ جي گھڻي آبادي گئس کان محروم آهي. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته اپوزيشن مهانگائي جي حوالي سان واويلا ڪري رهي آهي، جيڪا بي بنياد آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاچ آفيسر ۾ اهليت ئي ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے