19 ہفتہ , جنوری 2019

جوهانسبرگ ٽيسٽ : ڏکڻ آفريڪا جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

Johannesburg Test: South Africa win toss, elect to bat against Pakistanجوهانسبرگ ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچ جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قومي ٽيم ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون آهن، ياسر شاهه، فخر زمان ۽ شاهين آفريدي جي جاءِ تي فهيم اشرف، شاداب خان ۽ حسن علي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا هٿان لڳاتار ٻئين وائيٽ واش جو خطرو آهي. نيوزيلينڊ هٿان هوم ٽيسٽ سيريز ٻه هڪ تان هارائيندڙ پاڪستاني ٽيم کي گذريل پنجن مان چئن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ملي آهي. ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڪوچ اوٽس گبسن جو چوڻ آهي ته عالمي نمبر هڪ ٽيم بڻجڻ اسان جو مشن آهي. ڏکڻ آفريڪا 2013ع ۾ به پاڪستان خلاف ٽئي ٽيسٽ ميچ کٽيا هئا. جوهانسبرگ ۾ قائم وانڊررز جي پچ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار آهي. 2013ع ۾ ان ئي ميدان تي پاڪستان ٽيم ڊيل اسٽين جي تباهي مچائيندڙ بالنگ اڳيان 49 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.  اهو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو سڀ کان گهٽ ترين اسڪور آهي. ميچ ۾ ڊيل اسٽين اٺ رنسن عيوض ڇهه شڪار ڪيا هئا. شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچون هارائڻ تي پاڪستان جي ٽيم ڪامبينيشن تي ڪيئي سوال اٿاريا ويا هئا جنهنڪري جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ ٽن تبديليون ڪيون ويون آهن. ليگ اسپنر ياسر شاهه هن سيريز ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر آيو، سندس جاءِ تي شاداب خان کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جڏهن ته فخر زمان ۽ شاهين شاهه آفريدي آخري ٽيسٽ ۾ آرام ڏيندي فهيم اشرف  ۽ حسن علي کي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے