19 ہفتہ , جنوری 2019

انسٽاگرام جي واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري، ڪمپني اهم اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيليفورينا ( ويب ڊيسڪ ) انسٽاگرام جا اهي واهپيدار جيڪي هڪ کان وڌيڪ اڪائونٽ استعمال ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ خوشخبري آهي ته هو هاڻ ” سيلف ري گرام“ فيچر جي مدد سان هڪ ئي وقت گڏ ٻين اڪائونٽن تي به پنهنجون پوسٽون شيئر ڪري سگهن ٿا. ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ ٽيڪ ڪرنج جي رپورٽ موجب ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته انسٽاگرام ۾ ” سيلف ري گرام “ فيچر جلد او ايس سسٽم لاءِ متعارف ٿيڻ واري آهي.  رپورٽ موجب واهپيدار جڏهن انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪرڻ وارو هوندو ته ان وقت آپشن ۾ ” سيلف ري گرام “ فيچر به مهيا هوندو، يعني جتي ” ٽيگ پيپل“ ۽ ” مارڪ يور لوڪيشن“ جو فيچر هوندو اتي پوسٽ ري گرام ڪرڻ لاءِ ” پوسٽ ٽو ادر اڪائونٽ “ جو آپشن هوندو.  ڪمپني ترجمان موجب اهو فيچر اهڙن واهيپدارن لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو جيڪي انسٽاگرام تي ڪاروبار ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ان سان وقت زيان ٿيڻ کان بچندو. ۽ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ اڪائونٽن تي سولائي سان پوسٽون شيئر ڪري سگهندا. ان فيچر کي رڳو آءِ او ايس سسٽم يعني آءِ فون واپيدارن لاءِ متعارف ڪيو ويندو جڏهن ته اينڊرائيڊ لاءِ اڃا ڪنهن به قسم جي خاطري ناهي ڪرائي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chinese schools track students with GPS-enabled “smart uniforms”

چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني  ٻارن جي چر پر تي نظر رکندڙ سمارٽ يونيفارم تيار ڪري ورتو

بيجنگ  ( ويب ڊيسڪ) جتي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلي سندن نگراني بابت ڳڻتي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے