19 ہفتہ , جنوری 2019

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پيرسن کي لاڪ اپ ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار  پيرسن شهري کي لاڪ اپ ڪرڻ جي معاملي جو نوٽيس وٺندي آر پي او ساهيوال کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن ڊي پي او پاڪپتن ماريا محمود کليل ڪچهري ۾ شريڪ هئي ان موقعي تي 70 ورهين جي واپاري تنظيم جي صدر صوفي محمد رشيد خاتون پوليس آفيسر جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ چاهيون ته جنهن تي هوءِ ڪاوڙجي پئي ۽ کيس ڇنڊ پٽي.  پوليس پيرسن شخص کي پڪڙي ٿاني ۾ بند ڪيو ۽ ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس به داخل ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او ساهيوال کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جاچ ڪري 48 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے