19 ہفتہ , جنوری 2019

دبنگ ٿري ٺاهڻ جون تياريون، نئين اداڪارا جي انٽري جو امڪان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي جي سلطان سلمان خان جي مشهور فلم سيريز ” دبنگ “ جي ٽئين حصي تي ڪم شروع ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اداڪار ارباز خان تصديق ڪندي ٻڌايو ته  دبنگ ٿري جو اسڪرپٽ مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي عڪسبندي مداحن جي اميد کان به اڳ يعني اپريل ۾ شروع ڪئي ويندي. شوٽنگ لاءِ لوڪيشن جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو پر اهو به جلد فائنل ٿي ويندو.  ارباز خان ڪردارن بابت ٻڌايو ته دبنگ ٿري ۾ به چلبل پانڊي وارو مک ڪردار سلمان خان ئي ادا ڪندو، ارباز خان چيو ته  فلم جي ڪهاڻي بابت سوشل ميڊيا تي اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته دبنگ ٿري ڪنهن فلم جو ريميڪ آهي، ڪجهه چئي رهيا آهن ته اها حقيقي زندگي مان متاثر ٿي ڪري ٺاهي پئي وڃي پر انهن سمورين اڳڪٿين باوجود فلم جي ڪهاڻي راز ۾ رکڻ ئي مناسب سمجهان ٿو. واضح رهي ته 2010ع ۾ ريليز ٿيل دبنگ ۽ 2012ع ۾ ريليز ٿيندڙ فلم دبنگ ٽو ۾ سلمان خان جي مقابلي ۾ سوناڪشي سنها مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، فلم ان حصي بابت چيو پيو وڃي ته دبنگ ٿري ۾ سلمان خان سان مک ڪردار ۾ سوناڪشي بدران ٻي اداڪارا کي شامل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهوش حيات جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري…….. تفصيل ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي پهرين ويب سيريز  ” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے