19 ہفتہ , جنوری 2019

اردو ٻولي جي ناليواري شاعر ابن انشاءَ جي 41 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اردو غزل، شاعري، مزاح نگاري ۽ ٻين تحريرن ذريعي شهرت ماڻيندڙ ابن انشاءَ جي اڄ 41 ورسي ملهائي پئي وڃي. دلڪش ڪردار، شاعر، سفير، ليکڪ ۽ مارڪسسٽ. پر سندس شهرت سندس نظم آهن جيڪي باقاعدگي سان ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. ابن انشاءَ جو اصل نالو شير محمد خان هو، هو 15 جون 1927ع تي گڏيل هندوستان جي شهر جالنڌر ۾ جنم ورتو ، ابن انشاءَ پنجاب يونيورسٽي مان بي اي جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪئي. 1962ع ۾ نيشنل بڪ ڪونسل جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جڏهن ته وائس چيئرمين طور ٽوڪيو بڪ ڊيولپمنٽ پروگرام جڏهن ته ايشين کي پبلڪيشن پروگرام ٽوڪيو جي مرڪزي مجلس ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. انشاءَ جي شاعري جا ڪيئي ڪتاب ڇپيا، سندس مشهور ڪتابن ۾ اس بستي ڪي ايڪ ڪوچي ۾، چاند نگر، دل وحشي، بلوڪابسته، ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن. ابن انشاءَ يونيسڪو جي سفير جي حيثيت ۾ يورپي ۽ ايشيائي ملڪن جا دورا ڪيا جن جو احوال هن پنهنجي سفرنامي آوارا گرد ڪي ڊائري، ابن بطوطه ڪي تعاقب ۾ ، چلتي هو تو چين چلو، دنيا گول آهي ۽ نگري نفري ڦرا مسافر مخصوص طنريه ۽ مزاحيا انداز ۾ لکيا، اردو ٻولي جو هي تمام وڏو نالو 11 جنوري 1978 تي لنڊن جي اسپتال ۾ ڪينسر سان جهيڙيندي حياتي جي جنگ هارائي ويو، کيس سنڌ جي راڄڌاني واري شهري ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جيتوڻيڪ بن انشاءَ اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر پنهنجي لکڻين ذريعي هو سدائين مداحن جي دلين ۾ زندا رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے