19 ہفتہ , جنوری 2019

ايران جا افغان طالبان سان ڳجها رابطا آهن: جواد ظريف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ آهي ته اسان جا طالبان سان انٽيلجنس رابطا موجود آهي ڇاڪاڻ ته اسان جا ڪجهه سرحدي علائقا انهن افغان علائقن سان ملندا آهن جيڪي طالبان جي ڪنٽرول هيٺ  آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارت جي دوري دوران انٽرويو ڏيندي ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته مستقبل  جي افغانستان ۾ طالبان جي ڪردار کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، پر ان بابت فيصلو افغان عوام کي ڪرڻو آهي. پاڙيسڙي ملڪن مان ڪو به نٿو چاهي ته طالبانن کي بلادستي حاصل ٿئي ڇاڪاڻ ته اهو خطي جي مفاد ۾ ناهي، اسان جو به اهو ئي خيال آهي ته طالبان جو اهو ڪردار انتهائي اهم نه هئڻ گهرجي. جواد ظريف جو چوڻ آهي ته اسان جا طالبان سان ڳجها رابطا موجود آهن ڇاڪاڻ ته ايران جا ڪجهه سرحد علائقا انهن افغان سرحدي علائقن سان ملن ٿا جيڪي طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آهن، طالبان جي ڪنٽرول هيٺ ايراني سرحدي علائقن ۾ سلامتي جي ضرورت آهي.  ٻئي پاسي افغانستان ايراني پرڏيهي وزير جي بيان تي سخت ردعمل ڏيکاريون آهي. افغانستان ايراني پرڏيهي وزير جي بيان کي افعانستان جي اندروني معاملن ۾ ايران جي چٽي مداخلت قرار ڏنو آهي. افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير ادريس زمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ٻن رياستن وچ ۾ لاڳاپن کان هٽي ڪري طالبان سان ڪنهن به قسم جا رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ رشتن کي ڪمزور ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے