19 ہفتہ , جنوری 2019

ناڪامي باوجود ” زيرو سڀ کان وڌيڪ آمدني وارين 10 فلمن ۾ شامل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي فلم ” زيرو “ باڪس آفيس تي ناڪامي باوجود سموري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني ڪندڙ 10 فلمن ۾ شامل ٿي وئي. جب هيري ميٽ سيجل جي ناڪامي کانپوءِ بالي ووڊ ڪنگ کي فلم زيرو ۾ تمام وڏيون اميدون هيون. ڪنگ خان پنهنجي فلم جي ڀرپور مشهوري مهم پڻ هلائي هئي پر فلم تجزيه نگارن ۽ مداحن جي معيار ته پورو نه لهي سگهي ۽ ريليز جي هڪ هفتي کانپوءِ به 100 ڪروڙ ڪلب ۾ داخل نه ٿي سگهي هئي. پر باڪس آفيس تي ناڪامي باوجود زيرو 2018ع جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني وارين 10 فلمن ۾ شامل ٿي وئي آهي. باڪس آفيس انڊيا جي رپورٽ موجب زيرو پرڏيهي ملڪن ۾ سٺو بزنس ڪري رهي آهي ۽ فلم ريليز کان وٺي اڄ تائين سموري دنيا مان 100 ڪروڙ 78 لک رپيا ڪمائي چڪي آهي. فلم سنجو سموري دنيا مان 5 سئو ڪروڙ  78 لک رپيا ڪمائي 2018ع جي سڀ کان وڏي آمدني واري فلم بڻجي وئي آهي. ٻئي نمبر تي جنهن فلم سڄي دنيا ۾ سڀ کان گهڻي ڪمائي ڪئي اها دپيڪا پڊوڪون جي فلم پدماوت آهي جنهن گڏيل طور تي 5 سئو ڪروڙ 46 لک رپين جو بزنس ڪيو. رنوير سنگهه جي فلم سمبا 3 سئو ڪروڙ 10 لک سان ٽيون نمبر ماڻيو. چوٿين تي سلمان خان جي فلم ريس ٿري ٽه سئو ڪروڙ ڇهه لک رپين سان پنجين نمبر اڪشي ڪمار ۽ رجني ڪانت جي ٽو پوائنٽ زيرو ٻه سئو ڪروڙ 69 لک رپين جي ڪمائي ڪئي،  ڇهين نمبر تي باغي ٽو ٻه سئو ڪروڙ 49 لک،  ٺگس آف هندوستان ٻه سئو ڪروڙ 47 لک رپين سان ستون نمبر حاصل ڪيو.  اٺين نمبر تي، بڌائي رهي جنهن سموري دنيا مان ٻه سئو ڪروڙ 15 لک رپيا ڪمايا، نائين نمبر تي راضي 100 ڪروڙ 72 لک ۽ ڏهين نمبر تي شاهه رخ خان جي فلم زيرو سموري دنيا ۾ گڏيل طور تي هڪ سئو ڪروڙ  78 لک رپين جي ڪمائي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهوش حيات جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري…….. تفصيل ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي پهرين ويب سيريز  ” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے