19 ہفتہ , جنوری 2019

سنڌ جي گهرو سيڪريٽري پرڏيهه وڃڻ تي پابندي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير وفاقي ڪابينا طرفان ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ( اي سي ايل ) ۾ نالو وجهڻ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ هن موقف ڄاڻايو آهي ته 2013ع ۾ بدعنواني جو الزام مڙهي قومي احتساب بيورو ( نيب ) جاچ شروع ڪئي هئي جيڪا پنج سال مڪمل هئڻ بعد به مڪمل ناهي ٿي سگهي. بيئرسٽر فيضان ميمڻ ذريعي درخواست ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته قاضي ڪبير خلاف نيب جاچ معطل آهي.  عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته درخواست گذار گهرو سيڪريٽري آهي ۽ آفيشل وزٽ لاءِ پرڏيهه ايندو ويندو رهندو آهي.  درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نالو اي سي ايل ۾ هئڻ سبب ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي. عدالت درخواست ايندڙ هفتي وڪيلن کان دليل طلب ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته گهرو سيڪرٽري تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، جلدبازي ۾ نالو ڪيئن ڪڍون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے