19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪي پي ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي ۾ ٻن ڏينهن دوران پوليو جا 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. پهريون ڪيس لڪي مروت ۾ رپورٽ ٿيو آهي جتي ڀانجا مني والا سان تعلق رکندڙ 16 مهينن جي انعم ۾ پوليس وائرس جي تصديق ٿي آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ نمونن جي معائني کانپوءِ پوليس وائرس جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف ڪي پي جي قبائلي علائقي ضلعي باجوڙ جي اڍائي ورهين جي ٻارڙي ۾ پوليو جي تصديق ٿي آهي جنهن بعد 2018ع ۾ پوليو جي ڪيسن جو تعداد وڌي 10 ٿي ويو آهي.  وزيراعظم عمران خان جي پوليو جي خاتمي بابت مددگار بابر عطا به ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻنهي ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته وڌيڪ 2 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد 2018ع ۾ ڪي پي ۾ پوليو جي ڪيسن جو تعداد 6 ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے