19 ہفتہ , جنوری 2019

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي ۽ پارلياماني معاملن سميت اسٽينڊنگ ڪميٽين تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌر ڪميٽين کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي مشاورت سان عوامي مفاد جي قانونسازي اڻٽر آهي. خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر عوامي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت مني بجيٽ نه آڻي ته بهتر آهي، مخالف ڌر عوام تي بار وجهندڙ ڪنهن قدم جي مخالفت نه ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے