19 ہفتہ , جنوری 2019

جرمني جي مختلف شهرن جي عدالتن ۾ بم جي اطلاعن تي عمارتون خالي ڪرايون ويون

برلن ( ويب ڊيسڪ ) جرمني مختلف شهرن جي عدالتن بم جا اطلاع ملڻ تي عمارتن کي خالي ڪرايو ويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمني جي ٽن شهرن، ڪائل، ارفورٽ ۽ ميگڊي برگ جي عدالتن ۾ بم هئڻ جي اطلاعن تي عمارتون فوري طور تي خالي ڪرايون ويون، عدالت جي ڪمري بم هئڻ جو اطلاع اي ميل ذريعي موڪليو ويو جنهن کانپوءِ پوليس طرفان ڪارروائي ڪندي عمارتن کي خالي ڪرايو ويو. جرمن اختيارين موجب بم جي اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس فوري عدالتن کي گهيري هيٺ آڻيندي سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ خوجي ڪتن جي مدد سان عمارتن جي تلاشي ورتي پئي وڃي، ٻئي پاسي اولهندي رياست هيسي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت جي ڪمري ۾ شڪي پيڪٽ هٿ آيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے