19 ہفتہ , جنوری 2019

عليمه خان هجي يا ڪو ٻيو سڀني جو احتساب ٿيندو: پيٽروليم وارو وزير

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وزير چوڌري غلام سرور چيو آهي ته سنڌ ۾ داخلا بند ڪرڻ ناممڪن آهي، عليمه خان هجي يا ڪو ٻيو سڀني جو هڪجهڙو احتساب ٿيندو.  پيٽروليم واري وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت لکت ۾ حڪم نامو  اڃا ناهي مليو، جيئن لکت ۾ حڪم نامو ملندو، عملدرآمد ڪنداسين. هن چيو ته اسان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، نيب غيرجانبدارڻي ۽ شفاف طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، نيب جنهن جنهن کي گهرائيندي ان کي پيش ٿيڻو پوندو. بنا فرق احتساب ٿي رهيو آهي. غلام سرور خان وڌيڪ چيو ته وفاق سان گڏجي ڪري بلوچستان جي عوام جون محروميون ختم ڪنداسين، پيٽروليم واري وزارت ۾ 2 اهم شعبا آهن جن مان هڪ ڊرلنگ وارو شعبو آهي، پيٽروليم واري وزارت تحت جيتريون به ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن انهن جي بورڊز ۾ سمورن صومن جي نمائندگي هوندي، صوبن جي نمائندگي لاءِ سمورا بورڊ ٻيهر جوڙيا ويندا. هن چيو ته سعودي جي توانائي وارو وزير سڀاڻي گوادر اچي رهيو آهي، جلد گوادر ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ آئيل ريفائنري جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے