19 ہفتہ , جنوری 2019

واپاري برادري ملڪ جي معاشي مضبوطي ۾ سهڪار ڪري: آرمي چيف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته واپاري برداري ملڪ جي معاشي مضبوطي ۾ سهڪار ڪري. پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪراچي ۾ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ آرمي چيف ملڪ خاص طور ڪراچي ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر هئڻ بابت آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب واپارين ڪاروبار وڌائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.  ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي مضبوطي ۾ سهڪار ڪري. آرمي چيف سان ملاقات ۾ واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي صلاحيت مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے