19 ہفتہ , جنوری 2019

پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي : ايرون فنچ

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ فوڪس ڪرڪيٽ جي رپورٽ موجب ايرون فنچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي سٺو سنئوڻ هوندو اتي مداحن جو وڏو انگ اسٽيڊيم جو رخ ڪندو آهي. آسٽريلوي ڪپتان کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته ڇا هي وقت آسٽريلوي ٽيم جي پاڪستان دوري لاءِ درست آهي، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هي درست وقت آهي يا نه ان جو فيصلو ڪرڪيٽ آسٽريليا کي ڪرڻو آهي. پاڪستان ڄائي آسٽريلوي اوپنر عثمان خواجه به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيو آهيان ۽ اتي ڪرڪيٽ کيڏڻ وڏو فيصلو هوندو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڪرڪيٽ آسٽريليا سان هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ 5 ميچن جي ون ڊي سيريز جون ڪجهه ميچون ڪراچي يا لاهور ۾ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے