19 ہفتہ , جنوری 2019

ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ملڪ ۾ جلدي ايمرجنسي لاڳو ڪري سگھي ٿو. ٽرمپ ميڪسيڪو جي رستي پناهه گيرن جي آمريڪا لڏ پلاڻ روڪڻ لاءِ سرحد تي ڀت اڏائڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هن کي ڊيموڪريٽس جي حمايت جي ضرورت آهي. ان تڪرار سبب هلندڙ ڏينهن ۾ آمريڪي حڪومت جزوي بندش جو شڪار آهي. يعنيٰ عملي طور تي حڪومت شٽ ڊائون آهي. ٽرمپ گذريل ڏينهن اهو اشارو ڏنو ته هنگامي حالت لاڳو ڪري هو ڪانگريس جي منظوري کان سواءِ ميڪسيڪو جي سرحد تي ڀت اڏائڻ لاءِ فنڊنگ وصول ڪري سگھي ٿو. 2016 جي صدارتي چونڊن ۾ ميڪسيڪو جي سرحدي تي ڀت جي اڏاوت ٽرمپ جي اهم ترين واعدن مان هڪ هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے