19 ہفتہ , جنوری 2019

پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا بهتر ڪيئن ٿيندا؟ علي جهانگير صديقي ٻڌائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) واشنگٽن ۾ موجود اڳوڻي پاڪستاني سفير علي جهانگير صديقي چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾سخت بدگماني موجود آهي جنهن کي سفارتڪارن ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صحافين سان ڳالهائيندي علي جهانگير صديقي چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سنجيدگيون، سفير طور چيلينجز ۽ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. علي جهانگير صديقي مئي کان ڊسمبر 2018ع تائين واشنگٽن ۾ مقرر رهيو. آمريڪا پاران پاڪستان کان ڊو مور جي مطالبي بابت هن چيو ته آئون نٿو چئي سگھان ته آمريڪا ان کي هڪ غير منصفاڻو مطالبو سمجهندو هو يا نه پر پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن لاءِ تمام گھڻو ڪجهه ڪيو ۽ ان جي قيمت به ادا ڪئي. هن چيو ته اهو واضح آهي ته آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا لاءِ حڪمت عملي ڪامياب نه هئي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان وڏي پيماني تي ڳالهيون ناهن ٿيون جنهن جو سبب ٻنهي طرفن پاران وضاحت جي ضرورت آهي. اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي حڪومتي دور ۾ به اسٽريٽجڪ ڳالهيون ان وقت ٿيون جڏهن ٻطرفا لاڳاپا تمام تيزي سان خراب ٿي رهيا هئا ان ڪري اهو مسئلو ڪافي سنجيده آهي. ٻطرفي بدگماني ڇانيل آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جو ڪوشش ڪرڻي پوندي، ان لاءِ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کي سفارتڪارن ذريعي تاريخي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سڀ ڪجهه واضح ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۽ آمريڪا هڪ ٻي کي سمجهڻ ۾ ناڪام آهن ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته مان نٿو سمجهان ته ائين ئي آهي، ٻنهي ملڪن جي بيوروڪريسي بهترين آهي پر اسان جي مقابلي ۾ آمريڪي سياسي نظام بيوروڪريسي تي اثرانداز ٿيندو آهي، ان ڪري هنن جي نظام ۾ سياسي رخ وڌيڪ مضبوط آهي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي چڱي ريت سمجهن ٿا، جيڪڏهن اسان جي پرڏيهي پاليسي جي نظر سان ڏٺو وڃي ته آئون اِهو مشاهدو ڪندس ته اسان مختصر وقتي مسئلن ۽ بحران جي حل ۾ مصروف آهيون جڏهن ته آمريڪا بابت ڊگهي عرصي واري پاليسي تي محدود منصوبابندي ڪئي وئي آهي.آمريڪا جي مطالبي تي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار ادا ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته سڀني ڌرين کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر انهن ڳالهين جو حل پاڪستاني نه پر آمريڪي ۽ افغاني شهرين پاران ڪيو ويندو.آمريڪي اهو سمجهن آهن ته اسان ان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڇو ته رڳو افغانستان ۾ امن هڪ عظيم مقصد نه پر پاڪستان به ان تڪرار سبب دهشتگردي جو شڪار ٿيو آهي ۽ ان ڪري اسان هڪ پر امن افغانستان چاهيون ٿا. جڏهن کيس کان سوال ڪيو ويو ته پاڪستاني اڪثر چوندا آهن ته اسان امداد نه پر واپار چاهيون ٿا ته اهي سنجيدا آهن يا نه ان حوالي سان هن چيو ته مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسانجي پاليسي سازن کي ڪا ڀُلَ ٿي رهي آهي. واپار نه امداد هاڻي گھڻو عرصو نه هلندي. امداد جو پنهنجو ڪردار آهي واپار جو پنهنجو پر ٽيڪنالاجي وڌندڙ جدت ۽ دنيا ۾ ٻين تبديلين سبب اسان کي ڪجهه نئون ڏسڻ جي ضرورت آهي جيڪا ممڪن طور تي واپار بجاءِ ٽيڪنالوجي ٿي سگھي ٿي پر مان به ورجائيندس ته واپار ۽ امداد ٻئي مناسب آهن. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن بابت سوال تي هن چيو ته اسان وٽ اسٽريٽجڪ لوڪيشن آهي جيڪا اسان چوندا آهيون، اسان وٽ نوجوان آبادي آهي جيڪا حقيقت تي هڪ طرفي پوزيشن وٺڻ جي برابر آهي، هڪ طرفي پوزيشن پنهنجي طور صحيح هوندي به تقصانن کي نظرانداز ڪندي آهي.هڪ نوجوان جو مطلب هن کي ملازمت ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي جڏهن ته اسٽريٽجڪ لوڪيشن جو مطلب جغرافيائي سياست جي پيچيدگي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے