19 ہفتہ , جنوری 2019

پي آءِ اي پائليٽن ۽ هوائي ميزبانن تي هٿيار تاڻي ڇڏيا….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين (پي آءِ اي) شراب واپرائيندڙ پائليٽن ۽ هوائي ميزبانن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. قومي ايئرلائين جي انتظاميا شراب جي واهپي ۽ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڏيهه ۽ پرڏيهه ايندڙ ويندڙ جهازن تي ڇاپا هڻڻ جو فيصلو به ڪيو. ان سلسلي ۾ شيڊولنگ اينڊ فلائٽ اسٽينڊرڊ پي آءِ اي پاران هڪ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي، سول ايوي ايشن (سي اي اي) اختيارين، پائليٽن ۽ هوائي ميزبانن جي رت جا نمونا حاصل ڪيا ويندا. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جن ماڻهن جي رت ۾ نشي واري شئي جي استعمال جي اثرن جي تصديق ٿي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن پائليٽن ۽ هوائي ميزبانن کي معطل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوڪري مان به ڪڍيو ويندو. پي آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته جهاز جي پرواز دوران فضائي سفر محفوظ بڻائڻ لاءِ عالمي جنرل سول ايوي ايشن قانون تحت بندوبست ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے