19 ہفتہ , جنوری 2019

جي آءِ ٽي رپورٽ تي امڪاني گرفتاري: سليم مانڊوي والا جو بيان جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته قانون جي تحت آصف زرداري يا ڪنهن ٻئي کي به گرفتار ڪيو وڃي ته حرج ناهي پر رڳو جي آءِ ٽي رپورٽ تي گرفتاري ٿي ته رد عمل ايندو. تفصيل موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت درست ڪرڻ جي لاءِ انڊسٽريز ضروري آهن. ڪنهن هڪ طبقي جي خرابي ملڪ جي خرابي آهي، معيشر تي هر سيسي پارٽي ڪو سمجهوتو نه ڪندي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته گرينڊ الائنس يا سياست جو تعلق آهي، ان ۾ ڪجهه غلط ناهي، ڪنهن ناهي چيو ته حڪومت ايندي ۽ سيڙپڪاري نه ٿيندي، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي لاءِ اسان سڀ هڪ ٽيم آهيون. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته مناسب طريقي سان آصف زرداري يا ڪنهن جي گرفتاري تي حرج ناهي، جي آءِ ٽي رپورٽ تي گرفتاري ٿي ته ملڪ ۾ رد عمل اچي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف وزير اعظم طور به نيب ۾ پيش ٿيو، نيب جنهن کي به طلب ڪري ان کي پيش ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے