19 ہفتہ , جنوری 2019

ڇا پنجاب جو وڏو وزير سنڌ جو دورو ڪري سگهندو؟ عثمان بوزدار ميدان تي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان آهيون، پوليس ڪلچر آهستي آهستي تبديل ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عوام ٿورو صبر ڪري، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. سردار عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته صحت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون. صحت کاتي ۾ 9 هزار نيون ڀرتيون ڪيون آهن، وزيرن ۽ آفيسرن جي هر ضلعي ۾ ڊيوٽيون لڳائي رهيا آهيون، آئون پاڻ دورا به ڪندس. پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته جيستائين معاملن جو باريڪي سان جائزو نه ورتو ويندو، ڪم ڪيئن ڪنداسين، اڄ کان سمورين اسپتالن جا دورا شروع ڪري رهيو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو يا پيپلز پارٽي مون کي سنڌ جي دوري کان ڇو روڪيندي، بلاول ڀٽو ۽ ٻين جا نالا منهنجي چون تي اي سي ايل ۾ ناهن وڌا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے