19 ہفتہ , جنوری 2019

وفاقي وزيرن جا بلوچستان جا دورا: وڏو وزير به ميدان تي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور سان ملاقات کان پوءِ چيو آهي ته 4 مهينن ۾ ڏٺو آهي وفاقي وزيرن جو مسلسل بلوچستان اچڻ سٺو عمل آهي. تفصيل موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته اجلاس ۾ بلوچستان جي مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جوائنٽ ورڪنگ گروپس به ٺاهي رهيا آهيون، ٿڌ ۾ زيارت، پشين، ڪوئٽا سميت ٻين علائقن ۾ گيس جو مسئلو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ گيس ذخيرن تي ماضي ۾ تيزي سان ڪم ناهي ٿيو، اسان سڀن مسئلن تي وفاقي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪرڻو پوندو، چئن مهينن ۾ ڏٺو آهي وفاقي وزير جو مسلسل بلوچستان اچڻ سٺو عمل آهي، پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي بلوچستان جو دورو ڪيو، سڀني صوبن جي قيادت کي گڏي رهيا آهيون. مسئلن تي صوبن وٽ پاڻ وڃي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، صوبن ۾وڃي مسئلا ڏٺا ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. منهنجو  هاڻوڪو دورو بلوچستان ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، بلوچستان ۾ قيادت اسان جي اتحادي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سان ملي هن جي صوبي جا مسئلا به ٻڌا.اڃ به ملاقات دوران صوبن جي مسئلن تي ڳالهه تي آهي،ڪميٽيون به ٺاهيون آهن ۽ ميٽنگ جو وقت به مقررڪيوآهي.عوام ڏسندو ته تبديلي ايندي. پيٽـروليم وزارت ۾ ڪمپنين ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ هڪ جيترا نمائيندا آهن. غلام سرور وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي معاملن ۾ بلوچستان حڪومت جي نمائندگي هئڻ گھرجي، سڀئي صوبا پنهنجي ايڪسپولريشن ڪمپنيون ٺاهن. اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے