19 ہفتہ , جنوری 2019

وزير اعظم عمران خان جي ڀيڻ خلاف ٺهراءُ……..

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ مسلم ليگ ن جي عظميٰ زاهد بخاري طرفان جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عليمه خان جي نيوجرسي آمريڪا ۾ خريديل ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي، ٽيڪس گوشوارن ۾ ملڪيتن کي لڪائڻ ڏوهه آهي ۽ ملڪيتون عليمه خان جي آمدن وارن ذريعن  سان تعلق نٿيون رکن ان ڪري عليمه خان کان جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) بڻائي وڃي ۽ سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو وڃي. تفصيل ۾ چيو يوو آهي ته آمريڪا ۾ موجود اِها ملڪيت عليمه خان 2004ع ۾ خريدي پر جون 2017ع تائين پاڪستاني ٽيڪس اختيارين جون ظاهر ناهي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے