19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ: ميرپور ماٿيلو: وڪيلن ۽ واپڊا عملي وچ ۾ اهڙو ڇا ٿيو جو شهري ٿي ويا پريشان

ميرپور ماٿيلي جي گل ڪالوني ۾ وڪيلن ۽ واپڊا انتظاميا وچ ۾ ميٽر تبديل ڪرڻ واري معاملي تان جهيڙو، ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي خلاف ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا.

واپڊا عملدار نظير جلباڻي، بشير ڪورائي ۽ عمران انڙ جو چوڻ آهي ته چوري بجلي ڪاٽڻ تان وڪيلن مٿس حملو ڪري حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندن چوڻ هو ته وڪيلن ڏمرجي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي تذليل جو نشانو بڻايو..

هوڏانهن وڪيل برادري جي اڳواڻن  چيو ته واپڊا عملدارن جي ڏاڍائي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ تي نظير احمد ۽ سندس ساٿين گهر تي حملو ڪري کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندن چوڻ هو ته واپڊا عملو عوام کي بنا جواز رشوت لاءِ هيسائي رهيو آهي، اهڙو عمل برداشت جوڳو ناهي.

ٻنهي ڌرين جي دانهن تي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جو پريس ڪلب ٻاهران اڃا تائين ڌرڻو جاري آهي……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے