19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ: ايڇ ايل ايف فيسٽيول ڪرائڻ جو ڪهڙو آهي ڪارڻ؟ اڪبر لغاري ڪيو انڪشاف

حيدرآباد جي سرد هوائن ۾ ٽن ڏينهن وارو چوٿون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول شروع ٿي ويو،

چوٿين لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري، شوڪت حسين شورو، مدد علي سنڌي، ۽ ٻين گڏجي ڪيو.

فيسٽيول جي شروعات ۾ ڀٽائي جي راڳي منٺار فقير پنهنجي ساٿين سان شاهه جي سر ڏهر مان وائي پيش ڪئي،

الائيڊ اسڪول حيدرآباد جي ٻارڙن ڀليڪار جي لاءِ ٽيبلو پيش ڪري ماڻهن کي موهي وڌو.

ان موقعي تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو ته ادبي ميلا ڪرائڻ هڪ تحرڪ آهي، سنڌي اديب ۽ ادب متحرڪ رهيا آهن، ڪڏهن ماٺار به ايندي آهي، پر هن قسم جا پروگرام ان ماٺار کي ختم ڪن ٿا.

هوڏانهن فيسٽيول ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام رکي ماڻهن کي علم، ادب ۽ شعور بابت ڄاڻ ڏني وئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے