19 ہفتہ , جنوری 2019

نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو……. شهباز شريف ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته محمد نواز شريف جي صحت جو مسئلو وڌيو ته ان جو ذميوار عمران نيازي ۽ پنجاب حڪومت هوندي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جي صحت جي خرابي جي اطلاح سموري قوم لاءِ فڪر مندي جو سبب آهي، 3 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم ۽ ملڪ جي بي مثال خدمت ڪندڙ هڪ ايماندار ۽ محب وطن شخص سان اهو سلوڪ سياسي انتقام جي بدترين مثال آهي. شهباز شريف چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي ڊاڪٽرن کي دير ڪرڻ کان سواءِ رسائي ڏئي قانوني تقاضا پورا ڪيا وڃن، خدانخواسته محمد نواز شريف جي صحت جو مسئلو وڌيو ته ان جو ذميوار عمران نيازي ۽ پنجاب حڪومت هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے