19 ہفتہ , جنوری 2019

۽ جڏهن چيف جسٽس آف پاڪستان جون اکيون ڪيميرا اڳيان آليون ٿي ويون….

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جوڊيشل ايڪٽوازم جو بنياد انسانيت جي بهتري لاءِ رکيو، ڪنهن جي ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪئي، سختي ڪنهن جي تذليل لاءِ نه پر قانون جي حڪمراني لاءِ ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ۾ چيف جسٽس چيو ته منهنجي لاهور هاءِڪورٽ سان وابستگي 56 سالن کان آهي، منهنجي پيءُ هتي پريڪٽس به ڪئي، هاڻ عوام کي اهو انصاف ناهي ملي رهيو جيڪو پهرين ملندو هو. چيف جسٽس چيو ته نعمتن ۾ پاڪستان جو پهرين نمبر تي شمار ڪيان ٿو، مون کليل ڪچهر  جو سلسلو شروع ڪيو ته گهڻا ئي مظلوم ماڻهو ڏٺا، اُهي ماڻهو به ڏٺا جن وٽ اُهو وسيلو به ناهي جو هو دوا خريدي سگهن. جسٽس ثاقب نثار چيو ته مون نيڪ نيتي سان جوڊيشل ايڪٽوازم جو بنياد رکيو، جيڪڏهن آئون اسپتال ويو آهيان ته اِهو چوڻ  ويس ته هتي علاج جا وسيلا ميسر ناهن، آئون اسپتال ۾ ڪنهن آپريشن ڪرڻ نه ويو هيس. هن چيو ته مون کان غلطيون ٿيون، ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾ پر ان ۾ بدنيتي نه هئي، آئون قانون جي حڪمراني جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس، ججن کان گذارش آهي ته هن ڪم کي ملازمت سمجهي انجام نه ڏين. چيف جسٽس چيو ته مون زندگي ۾ تمام گهڻو رُنو آهيان، اڄ توهان جي ان پيار اکيون آليون ڪري ڇڏيون، يقين سان چوان ٿو ته منهنجي هاءِ ڪورٽ سان واسطو سڀ کان پراڻي آهي، هڪ به اهڙو منهن ناهيان ڏسي رهيو جنهن جو لاهور هاءِ ڪورٽ سان واسطو مون کان پراڻو هجي، آئون ڪيٿڊرل اسڪول پڙهندو هيس، منهنجو پيءُ هتي پريڪٽس ڪندو هو، آئون انهن ڪوريڊورز ۾ کيڏندو هيس. جسٽس ثاقب نثار چيو ته وڪيل جوڊيشل سيٽ اپ جو لازم ۽ ملزوم حصو آهن، وڪيلن کي محنت ڪرڻي آهي ڇو ته اعجاز حسين بٽالوي بڻجڻو آهي، وڪيلن کي حق جي لاءِ ڪيس جي پيروي ڪرڻي آهي، اڄ هن عدالت کي 22 اي يرغمال بڻايو آهي. چيف جسٽس پاڪستان وڌيڪ چيو ته اڄ سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ رڳو 2 ريفرنسز ٻڌڻي هيٺ آهن، اسان اهليت تي فيصلا ڪنداسين، ججن کي بليڪ ميل نه ٿيڻ ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے