19 ہفتہ , جنوری 2019

ملائيشين وزيراعظم 23 مارچ تي سيڙپڪاري وفد سان گڏ پاڪستان ايندو

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملائيشين وزيراعظم 23 مارچ تي سيڙپڪاري وفد سان گڏ پاڪستان ايندو. تفصيلن موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائيشين وزيراعظم جو 23 مارچ تي پاڪستان جي دوري جو اطلاع ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ملائيشين وزيراعظم جو پاڪستان اچڻ سٺو عمل آهي. محاذآرائي اسان جي پاليسي نه آهي، جيڪو ڪيس عدالت ۾ آهي ان مان هڪ به ڪيس پي ٽي آءِ جو ٺاهيل نه آهي اهي سڀ ڪيس ماضي جي حڪومتن جي دورن ۾ ٺاهيا ويا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته عدالتون آزاد آهن، نيب مختلف ماڻهن کي نوٽيسز ڏنا آهن، جيڪو فيصلو انهن جي حق ۾ ٿي اهو سٺو ۽ جيڪو نه ٿئي اهو خراب لڳندو آهي. هيلي ڪاپٽر ڪيس اسان جي نظر ۾ ڪا به حيثيت نٿو رکي، ڪجهه طاقتون اهڙيون آهن جيڪي چاهين ٿيون ته خطي ۾ امن نه هجي، ڪجهه طاقتون چاهين ٿيون ته پاڪستان جا مسئلا وڪوڙيل رهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے