19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:غوثپور:جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ،لولائي برادري جا 3 ڄڻا قتل

غوثپور  ويجهو جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ لولائي برادري جا 3 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن تھ ٻن عورتن سميت  4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا .

جنگل ٿاڻي جي حد ڳوٺ فوجو لولائي ۾ محمد شريف لولائي جي گهر  تي  جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن  چڙهائي ڪئي ، فائرنگ دوران ننڊ ۾ ستل 2  ڄڻا محمد شريف لولائي ۽ مسمات ڪوڙي لولائي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته الله جڙيو ،  مسمات سَچُل ، مسمات بَچُل سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

فوتين ۽ زخمين کي کڻائي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي زخمي الله جڙيو بھ زخمن جا سور نھ سهندي فوت ٿي ويو.

ٽن ڄڻن جي قتل ٿي وڃڻ بعد ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي ۽ علائقي واسي خوف حراس سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

 ٽن ڄڻن جي قتل کان پوءِ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، وڌيڪ نقصان جو خدشو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي تمام جلد قانون جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے