19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:ڪراچي: چيني قونصل خاني تي حملي جو ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي درخواست رد

  دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصل خاني تي حملي وارو ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ کان انڪار ڪندي سي ٽي ڊي کي جاچ جاري رکندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايڏي وڏي واقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڇو ڪيون؟ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سي ٽي ڊي جو جاچ آفيسر پيش ٿيو.

عدالت ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ واري سي ٽي ڊي پوليس جي رپورٽ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جاچ تي اعتراض لڳائي ڇڏيا.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي واقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڇو ڪيون؟ جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڇو نه پئي ڪئي وڃي.

 عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار ناهن ٿيا ته ڇا ڪيس اي ڪلاس ڪري ڇڏيون؟.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيش ڪيل رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو ڇو ناهي؟ ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو به لکي جمع ڪرائي وڃي.

 عدالت جاچ آفيسر کي 8 فيبروري  تي ڪيس بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جاچ ڪيو ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو.

پوليس پاران اي ڪلاس لاءِ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، جيستائين ڪو جوابدار گرفتار نه ٿو ٿئي ڪيس اي ڪلاس ڪيو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسلم ڇوٽو جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن پر اڃا ان جي تصديق ناهي ٿي، 4 ڪلاشنڪوف، 2 آءِ اي ڊي بم، ڊيٽونيٽر، هينڊ گرنيڊ، ڌماڪيدار مادو ۽ گوليون هٿ آيون.

رپورٽ ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جي پٽ حربيار مري جو نالو به جوابدارن ۾ شامل آهي، جوابدارن ۾ ڪيپٽن رحمان گل، ڪمانڊر شيخو، ڪمانڊر منشي، ڪمانڊر شيرول ۽ ٻيا شامل آهن……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے