19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:ڪراچي:ميئر وسيم اختر ، ڊاڪٽر فاروق ستار خلاف ڇا ڳالهايو، ڄاڻي ٿيندا حيران

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي تھ ڊاڪٽر فاروق ستار هاڻي الله الله ڪري، سندس وقت ختم ٿي چڪو آهي.

 ٻارنهن مئي سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران وسيم اختر ڪراچي جي دهشتگرديءَ ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.

12 مئي سانحي جي چئني ڪيسن ۾ ڪراچي جي ميئر  وسيم اختر سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي.

دهشتگرديءَ جي انت واري خاص عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن خلاف ترميمي فرد جرم لاڳو ڪندي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگرديءَ ٽوڙ عدالت ۾ پيشيءَ کان پوءِ ميئر ڪراچي وسيم اختر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ڊاڪٽر فاروق ستار هاڻي الله الله ڪري، سندس وقت ختم ٿي چڪو آهي.

هن چيو تھ ڪراچي جو جيڪو حق آهي اهو کيس نھ ملي رهيو آهي، جڏهن تھ آپريشن کان پوءِ ٻيهر ريڙها لڳائڻ جو اعتراف پڻ ڪيو.

هن چيو تھ سنڌ حڪومت پاران تعاون نھ ڪرڻ سبب شهرين جي خدمت بهتر انداز ۾ هو نھ ڪري سگهيا آهن.

سندس چوڻ هو تھ وفاق طرفان ترقياتي پيڪيج ملن ها تھ عوام جي هو بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن ها.

وسيم اختر چيو تھ سندن اختيار محدود ڪيا ويا، سرڪاري ڪوارٽن ۾ رهندڙن جي بي دخليءَ خلاف وزير اعظم کي خط لکيو آهي، ماڻهن کي اتي رهڻ ڏنو وڃي اهو هنن جو حق آهي.

هن ڊاڪٽر فاروق ستار جي بابت ڳالهائيندي چيو تھ هن پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاري هنئي آهي.

هن فاروق ستار کي مخاطب ٿيندي چيو تھ  ٻيا ماڻهو ڪم ڪن ٿا انهن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي……..

****

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے