19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:قمبر:رهواسي پوليس خلاف ڇو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا، ڏسو هن رپورٽ ۾

قمبر ويجهو بروھي محله جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏنيون جنهن سبب  ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

رهواسين شبير بروهي، بشير بروهي، شهربانو ، نجمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرنن کي باهيون ڏنيون.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن داهيندي چيو تھ اهلڪارن بنا ڪنهن جواز جي سندن گهر ۾ گهري مٿن تشدد ڪيو ۽ ٻھ ڄڻا گرفتار ڪيا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي اهڪارن خلاف قانوني قدم کڻي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ايس ايڇ او سٽي جان محمد سامٽئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ گرفتار ٿيل جوابدارن مٿان ٻھ ڪيس داخل ٿيل آهن، گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هو ڇاپا هڻي رهيا هئا.

هن چيو تھ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهرن تي ڇاپو هنيو ته جوابدار پوليس سان اٽڪي پيا، جنهن جو مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے