19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:خانپورمھر:بمبلي واھ ۽ مھرو واھ جي ڀرپاسي وارا گهر ڇو پيا ڊاهيا وڃن، ڄاڻيو هن رپورٽ ۾

خانپورمھر ويجهو  بمبلي واھ ، مھرو واھ  ۽  ٻين واھن جي آسپاس ويٺل رھواسين کي حددخليون ڄاڻائي سندن گھر پٽ ڪرڻ لاءِ  روينيو عملدارن رھواسين کي گھر خالي ڪرڻ جون ھدايتون ڪري ڇڏيون.

 انتظاميھ جي  اھڙي فيصلي تي رھواسين ۾ ڳڻتي جي لھر ڇائنجي وئي آهي، رھواسين اھڙي فيصلي تي احتجاج سان گڏ مزاحمت جو فيصلو پڻ ڪيو آھي.

ان موقعي تي  واھن جي آسپاس جي رھواسين راشد علي مھر،  بخت الله  مھر، اعتزاز احمد سيال ۽ ٻين احتجاج کان پوءَ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو تھ هو واهه ٺهڻ کان 50 سال اڳ هتي آباد آهن.

هنن چيو تھ انتظاميھ کين  بي گھر ڪرڻ لاءِ  گھر خالي ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون آھن،  اهڙي فيصلي خلاف هو  ھر فورم تي احتجاج ڪندا.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ غريب ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي انصاف ڪيو وڃي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے