19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:مانجهند:ايس يو پي طرفان کنڀي گم ڪيل ڪارڪن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

مانجهند ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان کنڀي گم ڪيل ڪارڪن راجا حيدر ٿيٻو جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن امام الدين ڇڇر،  لطيف پهنور،  حق نواز مڱڻھار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ پر امن ڪارڪن راجا ٿيٻو کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو تھ  راجا ٿيٻو مٿان ڪوبھ ڪيس داخل ٿيل ناهي نھ ئي هو ڪنهن ڏوهاري سرگرميءَ ۾ ملوث آهي بنا جواز کيس مبينا کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ رياست ماءُ هوندي آهي ۽ اها ماءُ پنهنجي اولاد کي ڪيئن کنڀي گم ڪري سگهي ٿي.

هنن اعليٰ  عملدارن کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان کي فوري طر تي آزاد ڪرايو وڃي………………..

رپورٽ-يوسف عمراڻي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے