19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:جمال شاهه: کوسا برادري جي گهرن کي باهه ڪنهن ڏني، ڄاڻي ٿيندا حيران

جمال شاهه  ويجهو ڳوٺ شير علي شاهه ۾ کوسا برادري جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب منظور کوسي ديدار ۽ جڙيل سميت 5 پورهيتن جا گهڙ سڙي رک بڻجي ويا.

باهه متاثرن احتجاج کان پوءِ عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي الزام هنيو تھ سندن   گهرن کي رجب کوسي ۽ سندس ساٿين باهه ڏئي ساڙيو آهي.

هنن چيو تھ  رجب کي پڪڙي هنن  جمال شاهه پوليس حوالي ڪيو آهي، باقي ٻيا 7 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ گهر سڙڻ سبب گهر ۾ رکيل 25  هزار روڪ رقم  ، سونا زيور ۽ هنڌن  کٽن سميت سمورو سامان سڙي رک بڻجي ويو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهرن کي باهه ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري  ساڻن  انصاف ڪيو وڃي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے