19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:دولتپورصفن: سجاد جوکئي جي قاتلن کي ڪنهن جي پٺڀرائي حاصل، ڏسو هن رپورٽ ۾

دولتپورصفن ۾ قاضي احمد پوليس هٿان مارجي ويل انٽر جي شاگرد سجاد جوکئي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 سياسي سماجي ڌرين ۽ شاگرد جي وارثن معشوق جوکئي، لياقت جوکئي ، رباني جوکئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  دولتپورصفن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

انهي موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن پر شاگرد سجاد جوکيو جا قاتل  گرفتار نھ ٿي سگهيا آهن.

هنن چيو تھ  نوابشاھ پوليس سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار اڳوڻي  ايس ايڇ او سرور زرداري جي ڪيس ۾ فريادي کي  ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار علي بخش مگسي ، رضا گورچاڻي، علي مراد زرداري ۽ مبين بالادي کي گرفتار ڪري  ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………..

رپورٽ-محمد موسيٰ

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے