19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ:شادي پلي: انگريزن جي دور جو جوڙايل شاهڪار نمونو ڊاڪ بنگلو ڪيئن تباهه ٿيو

عمرڪوٽ جي تاريخي شهر  شادي پلي ۾ آفيسرن جي رهائش لاءِ  انگريزن جي دور جو  جوڙايل  شاهڪار نمونو ڊاڪ بنگلو سياسي توڙي سرڪاري ڪامورن جي بي ڌياني سبب ڀڄي ڀُري تباھ ٿي چڪو آهي.

ان موقعي تي شادي پلي جي شهرين  مختيار علي بلوچ ، سانوڻ خاصخيلي،  ابراهيم ڪي بي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو تھ حڪومت پاران سار سنڀال نھ  لهڻ ۽ ڌيان نھ ڏيڻ ڪري ماضي جو شاندار بنگلو پنهنجي اصلوڪي سونهن وڃائي ڀوت بنگلو بڻجي ويو آهي.

هنن چيو تھ بنگلي جي چؤ طرف پوکيل خوبصورت گل ٻوٽا ۽ وڻ پاڻي نھ  ملڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن جڏهن تھ  بنگلي جي ايراضي تي پڻ بااثرن  آهستي آهستي قبضا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

علائقي جي ساڃاهه وندن  ثقافت  کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان   مطالبو ڪيو تھ  عوامي ڀلائي خاطر بنگلي جي ايراضي عوامي مفادن لاءِ  وقف ڪري ڏني وڃي  ۽   ايراضي تي لائبريري ، ميوزيم يا ڪميونٽي هال تعمير ڪري ڏنو وڃي تھ  جيئن هتان جا رهواسي اُن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن……………..

رپورٽ-علي نواز هڱورو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے