19 ہفتہ , جنوری 2019

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماريا اسپينوزا ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي صدر ماريا فرنينڊا اسپينوزا ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندي. ماريا اسيپنوزا جي ترجمان مونيڪا گريلي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته جنرل اسيمبلي جي صدر پاڪستان حڪومت جي درخواست تي 18 کان 22 جنوري دوران پاڪستان جو دورو ڪندي. ترجمان ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ عهدو سنڀالڻ بعد هي ايشيا جو سندس پهريون سرڪاري دورو هوندو. مونيڪا گريلي موجب جنرل اسيمبلي جي صدر ماريا اسپينوزا پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ڪندو. ترجمان موجب ماريا اسپينوزا پاڪستان ۽ گڏيل قومن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻي رخن مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پراميد آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي مليحا لوڌي به پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ماريا اسپينوزا جي پاڪستان جي دوري جا تفصيل ٻڌايا آهن. مليحا لوڌي موجب جنرل اسيمبلي جي صدر کي عالمي، علائقائي معاملن ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو جڏهن ته عورت اسيمبلي ميمبرن سان به ملاقات ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے