19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪئناڊا گڏيل قومن جي درخواست تي سعودي ناري رهف محمد القعون کي سياسي پناهه ڏئي ڇڏي

Saudi teen to depart Thailand for Canada asylum: Thai immigration chiefٽورنٽو ( ويب ڊيسڪ ) ڪئناڊا ڊرامائي طور تي پنهنجي ملڪ مان فرار ٿيل 18 ورهين جي سعودي ناري رهف محمد القعون کي سياسي پناهه ڏئي ڇڏي. 18 ورهين جي رهف محمد القعون ڪويت جي سفر دوران پنهنجي خاندان وٽان فرار ٿي ٿائيلينڊ جي گادي واري شهر بئنڪاڪ پهتي هئي، جتي 6 جنوري تي کيس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.  رهف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجن پيغامن جي سيريز ۾ موقف ڄاڻايو هو ته سندس گهر وارا کيس جسماني ۽ نفسياتي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، هو شادي کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ۽ واپس سعودي عرب موڪلڻ تي سندس حياتي کي خطرو آهي. رهف آسٽريليا ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، پر ان کي رد ڪيو ويو هو. جنهن کانپوءِ ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو رهف کي سياسي پناهه ڏيڻ بابت گڏيل قومن جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. جسٽن ٽروڊو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي رهف کي سياسي پناهه ڏيڻ تي خوشي آهي ڇاڪاڻ ته ڪئناڊا اهو ملڪ آهي، جيڪو انساني حقن ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي اهميت کي سمجهندو آهي ۽ مان ان ڳالهه جي تصديق ڪريان ٿو ته اسان گڏيل قومن جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي. ٿائيلينڊ جي اميگريشن چيف سوراچٽ هاڪ پارن به ٻڌايو ته رهف ڪئناڊا جي چونڊ ڪئي، اها سندس پنهنجي مرضي هئي. ٻئي پاسي طرفان رهف محمد القعون به ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام چيو ته مدد ڪرڻ ۽ سندس حياتي بچائڻ تي سڀني جي ٿورائتي آهيان. پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ رهف ڪئناڊا روانو ٿيڻ اڳ جون تصويرون به شيئر ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے