19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪراچي ۾ بوندا باندي ، ٻين شهرن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ به ڪڪر وسي پيا ۽ مختلف علائقن ۾ بوندا باندي پوڻ کانپوءِ ٿڌ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. شهر جي مختلف علائقن گلشن حديد، ايئرپورٽ، نيو ملير، اورنگي ٽائون، فيڊرل بي ايريا ۽ عباس ٽائون ۾ صبح بوندا باندي کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. موسميات واري کاتي موجب ايندڙ 24 وڌيڪ بوندا باندي جو امڪان آهي. موسميات واري کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن جڏهن ته هوا ۾ گهم جو سيڪڙو 45 تائين آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي جو گهٽ گهٽ گرمي پد 15 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي

موسميات واري کاتي طرفان اڄ مالاڪنڊ، هزارا، پشاور، ڪوهاٽ، مردان، سرگوڌا، گجرانوالا، فيصل آباد، ساهيوال ۽ لاهور ڊويزن جي ڪجهه علائقن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. انکانسواءِ  راولپنڊي، اسلام آباد، گلگت بلتستان، ۽ ڪشمير ۾ به برسات جو امڪان آهي. موسميات واري کاتي موجب آچر تي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم سخت سرد ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن، سنڌ جي مٿانهن ۽ پشاور ڊويزن ۾ جي ڪجهه علائقن ۾ ڪوهيڙي جو امڪان آهي.

آزاد ڪشمير ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جاري

ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جي علائقن وادم نيلم ۽ اٺمقام ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي. مري ۾ به وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي جڏهن ته دير بالا ۾ ٻه فٽ کان وڌيڪ برف پوڻ ڪري لواري ٽنل کان آمدرفت معطل ٿي وئي آهي. انکانسواءِ ڪوهستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب قراقرم شاهراهه ٽريفڪ لاءِ بند ٿي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے