19 ہفتہ , جنوری 2019

چيني قونصل خاني تي حملي جو ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي درخواست رد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصل خاني تي حملي وارو ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ کان انڪار ڪندي سي ٽي ڊي کي جاچ جاري رکندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايڏي وڏي واقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڇو ڪيون؟ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سي ٽي ڊي جو جاچ آفيسر پيش ٿيو. عدالت ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ واري سي ٽي ڊي پوليس جي رپورٽ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جاچ تي اعتراض لڳائي ڇڏيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي واقعي جو ڪيس اي ڪلاس ڇو ڪيون؟ جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڇو نه پئي ڪئي وڃي. عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار ناهن ٿيا ته ڇا ڪيس اي ڪلاس ڪري ڇڏيون؟.عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيش ڪيل رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو ڇو ناهي؟ ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ ۾ ايس پي جو نالو به لکي جمع ڪرائي وڃي. عدالت جاچ آفيسر کي 8فیبروری تي ڪيس بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جاچ ڪيو ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو.پوليس پاران اي ڪلاس لاءِ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، جيستائين ڪو جوابدار گرفتار نه ٿو ٿئي ڪيس اي ڪلاس ڪيو وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسلم ڇوٽو جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن پر اڃا ان جي تصديق ناهي ٿي، 4 ڪلاشنڪوف، 2 آءِ اي ڊي بم، ڊيٽونيٽر، هينڊ گرنيڊ، ڌماڪيدار مادو ۽ گوليون هٿ آيون.رپورٽ ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جي پٽ حربيار مري جو نالو به جوابدارن ۾ شامل آهي، جوابدارن ۾ ڪيپٽن رحمان گل، ڪمانڊر شيخو، ڪمانڊر منشي، ڪمانڊر شيرول ۽ ٻيا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے