19 ہفتہ , جنوری 2019

حنيف عباسي عمر قيد جي سزا کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسي ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. حنيف عباسي عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته عمر قيد ۽ 10 لک رپيه ڏنڊ جي سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. حنيف عباسي جي وڪيل سينئر قانوندان اعظم نذير تارڙ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي روبرو داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هن پهريون راولپنڊي بئنچ ۾ سزا کي چئلينج ڪيو هو پر اتان جي ججن ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي جنهن بعد اڃا تائين ڪا نئين بئنچ نه آئي آهي.  درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته سندس اصيل 6 مهينن کان جيل ۾ آهي، سندس سزا خلاف قانون آهي تنهن ڪري لاهور ۾ ئي بئنچ جوڙي وڃي ۽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس راولپنڊي بئنچ کان ڪيس جو فائل طلب ڪيو ۽ ايندڙ هفتي لاهور ۾ خاص ڊويزنل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے