19 ہفتہ , جنوری 2019

وڳوڙن دوران نقصانن جي ڪيس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي مهيني اندر ادائيگين جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هنگامن سبب ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هڪ مهيني ۾ متاثرن کي ادائيگين جو حڪم ڏيندي ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ مهيني ۾ مڪمل ادائيگيون ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ هنگامي سان ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب جي گهرو کاتي جو سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ادائيگيون ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿينديون، ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وڳوڙن دوران نقصانن جو ڪاٿو 262 ملين لڳايو ويو آهي، ڪابينا ان ڪاٿي جي منظوري ڏني آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ادائيگين جي پلان لاءِ ڪهڙي ڪاغذي ڪارروائي ٿي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم نه ڏي ها ته هي پلان به نه اچي ها، اڍائي مهينا گذري ويا پر ادائيگين جو پلان نه ڏنو ويو آهي. گهرو کاتي جي سيڪشن آفيسر چيو ته هلندڙ مهيني ادائيگيون ڪري ڇڏينداسين. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هڪ مهيني اندر متاثرن کي ادائيگين جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے