19 ہفتہ , جنوری 2019

خوراڪ جي سخت کوٽ جي شڪار ٻارن لاءِ  ” پروٽين ويفر “ تيار

ڪمبوڊيا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سڌو سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ( ميل نيوٽريشن ) جو شڪار لکين ٻار جيڪڏهن خوراڪ کان محروم رهن ته نه رڳو سندن واڌ ويجهه سست ٿي ويندي آهي پر ذهني صلاحيت به تمام گهڻو متاثر ٿيندي آهي. ان جي  علاج جي طور تي ڪمبوڊيا ۾ مڇي جي پروٽين واري ويفرز جا تمام سٺا نتيجا نڪتا آهن ۽ اهو تجربا گڏيل قومن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري يونيسيف تحت ڪيا پيا وڃن. گذريل مهيني جي 17 تاريخ تي شروعاتي طور تي ان کي ڪمبوڊيا ۾ متعارف ڪرايو ويندو جتي پهرين مرحلي ۾ خوراڪ جي سخت کوٽ جي شڪار 25 هزار کان وڌيڪ ٻارن جو علاج ڪرايو ويو ۽ ان کان پوءِ ان کي  اوڀر ايشيا جي ٻين ملڪن تائين وڌائي اٽڪل 50 لک ٻارن تائين ان کي پهچايو ويندو.  ان ويفر کي نوٽرِڪس جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪمبوڊيا ۾ يونيسيف جي نمائندي آرنود ليلائو مڇي جي پروٽين واري ويفر کي خوراڪ جي کوٽ ۽ بک جو علاج قرار ڏيندي چيو آهي ته ان کي ميانمار جي ٻارن کي به استعمال ڪرايو ويندو. اهو ويفر مهانگن سپليمنٽ جهڙوڪ، کير، مونگ ۽ ٻي خوراڪ جو سستو متبادل ثابت ٿي سگهي ٿو. ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ کين موت جي منهن ۾ وٺي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته غذائي ڪمي مدافعتي عمل ڪمزور ڪندي آهي ۽ ائين اهڙن ٻارن ۾ ٻين صحتمند ٻارن جي ڀيٽ وقت کان اڳ موت جو خطرو 9 سيڪڙو وڌي ويندو آهي. اهڙن ٻارن جا پٺا ۽ عضوا ڳرندا رهندا آهن ۽ اڪثر ڪري کين هنگامي مدد گهربل هوندي آهي. ايشيا ڪابل سمنڊ جي علائقن ۾ مڇي عام ملندي آهي ۽ جنهنڪري مقامي سطح تي موجود مڇين جي ويفر ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ ضروري پروٽين جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نيوٽرِڪس جي تياري ۾ پنجن سالن جي لڳاتار محنت شامل آهي ۽ هاڻ ان کي علاج طور استعمال ڪيو ويندو. ويفرز جي تياري ۾ يونيسيف جي ماهرن سان گڏوگڏ ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۽ ڊئنمارڪ جي خوراڪ واري اداري به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جي تياري ۾ بل اينڊ ميلنڊ گيٽس فائونڊيشن به مالي سهڪار ڪيو آهي. فش ويفر جي تياري لاءِ پنج آبادين ۾ مهاڻن کي مڇر پڪڙڻ ۽ ان جي گوشت مان ويفر ٺاهڻ جي تربيت ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے