19 ہفتہ , جنوری 2019

وفاقي سرڪار طرفان 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جو دورو ڪري ڪراچي چيمبر جي ميمبرن ۽ بزنس مين گروپ جي چيئرمين سراج قاسم تيلي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسد عمر چيو ته 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ايف بي آر جي ايس آر او جي ايس آر او جاري ڪرڻ جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ ۾ ٽيڪس ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته ٽيڪسن جي حوالي سان هر قسم جي تبديلي پارليامينٽ جي منظوري سان ٿيندي. بزنس مين گروپ جي چيئرمين سراج قاسم تيلي چيو ته وفاقي سرڪار آئين جي آرٽيڪل 58 تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ سنڌ مان نڪرندڙ گئس مان پهريون  سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے