19 ہفتہ , جنوری 2019

يو سي ايڇ اسپتال جي بحالي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي کي اجلاس ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ يو سي ايڇ اسپتال جي بحالي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي کي اجلاس ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ يو سي ايڇ اسپتال جي بحالي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار اسپتال جي بحاليءَ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي کي اجلاس ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسپتال واري هنڌ شادي هال ٺهڻ نه ڏنو ويندو، يو سي ايڇ اسپتال کنڊر بڻجي وئي آهي، يو سي ايڇ ۾ 2 آپريشن ٿيٽر هئا ٻئي ناڪاره بڻجي چڪا آهن.  پنجاب يونيورسٽي ۽ ايف سي ڪاليج ٽيچنگ فيڪلٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.  چيف جسٽس چيو ته  ٺيڪيدارن ڪروڙين رپيه ڪمايا، بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪن، اسپتال جي بجلي ڪٽجي چڪي هئي، 48 لک رپيه ڏئي بحال ڪرائي. هن چيو ته  بهترين اسپتال جي ڪنهن سار سنڀال نه ڪئي، اسان اسپتال جو دورو ڪيو ته عجيب صورتحال هئي، اسپتال  جي ايراضي تي ڪيل قبضا ختم ڪرايا. سندس چوڻ هو ته حڪومت اسپتال جي بحالي لاءِ 25 سيڪڙو رقم جي ادائيگي جي خاطري ڪرائي آهي، حڪومت پهريون به بحالي لاءِ ڪوشش ڪئي پر ڪارروائي جو فرق نه پيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے