19 ہفتہ , جنوری 2019

فاروق ستار کي گهر ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي: وسيم اختر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ ۽ ميئر وسيم اختر پنهنجي ئي پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ فاروق ستار کي گهر ويهي الله الله ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر اعتراف ڪيو ته سنڌ سرڪار جي سهڪار نه ڪرڻ سبب عوام جي خدمت بهتر انداز ۾ نه ڪري سگهيو،  وقت تي وسيلا ۽ وفاق جو ترقياتي پيڪيج ملن ها ته عوام جي خدمت بهتر انداز ۾ ڪري سگهي ها، اسان جا هٿ پير ٻڌي شهر جي خدمت لاءِ چيو ويو، مڃان ٿو ته حق ادا نه ڪري سگهيو آهيان، اسان جا اختيار محدود ڪيا ويا آهن. هن چيو ته عدالت جو حڪم آهي ته سرڪاري ڪوارٽرن جي رهواسين جو معاملو حل ڪيو وڃي، سرڪاري ڪوارٽرن جا رهواسي 46 ورهين کان آباد آهن، کين آباد رهڻ ڏنو وڃي، اهو سندن حق آهي، سرڪاري ڪوارٽرن جي رهواسين کي جڳهه حڪومت ڏني هئي.  وسيم اختر چيو ته جتي آپريشن ٿيو اتي مضبوط اسٽرڪچر ته قائم نه ٿيو پر پٿارا ضرور لڳي ويا، هاڻي اهو ڪم پوليس جو آهي جيڪي پٿارا واپس اچي رهيا آهن تن کي هـٽايو وڃي. هن چيو ته فاروق ستار الله الله ڪري، هاڻي اهو وقت ختم ٿي ويو آهي، هن پاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هنئي، جيڪي ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن فاروق ستار کين ڪم ڪرڻ ڏي ته بهتر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے